Home  
    Director General  
    Governing Body  
    Departments  
    KDA Directory  
    Photo Gallery  
    Video Gallery  
       
 
 
       
    KDA Introduction  
    Organization Chart  
    Tender Information  
    Tenders  
    Grand Auction  
    Notifications  
       
 
 
       
    Public Notice  
    Town Map  
    National Holidays  
    Prayer Timings  
       


 
 
 
 
     
  اداري جي ڪنهن به اسڪيم ۾ ڪنهن به من پسند ماڻهو کي پلاٽ ناهي ڏنو ويو۔ ترجمان، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي  
     
  30-Jul-2017  
     
   
     
  ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ترجمان، مقامي اخبارن ۾ ڇپيل خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اداري جي ڪنهن به اسڪيم ۾ ڪنهن به من پسند ماڻهو کي پلاٽ ناهي ڏنو ويو ۽ اخبارن ۾ ڇپيل خبرون من گهڙت ۽ بي بنياد آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته گلستان جوهر بلاڪ 6 ۾ ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني قبضي ۾ رهيو آهي ۽ گذريل سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن بعد قبضي خورن کان خالي ڪرايو ويو آهي. بلاڪ 6 گلستان جوهر ۾ تقريبن ٻن ڏهاڪن کان قبضن دوران ڪيترائي الاٽيز پنهنجا پلاٽ هتان کان منتقل ڪرائي ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت بلاڪ 6 جي سموري ايراضي جي واپسي سان گڏوگڏ هتان کان منتقل ٿيل متاثر الاٽيز عدالتي ۽ محتسب جي حڪمن تحت بلاڪ 6 گلستان جوهر ۾ واپس متبادل پلاٽ حاصل ڪيا آهن. ترجمان چيو آهي ته سال 2002 ۾ ڪي ڊي اي جي تحليل کانپوءِ 14 سالن دوران ڪي ڊي اي جي مختلف اسڪيمن ۾ متاثر الاٽيز کي متبادل پلاٽ الاٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا جنهن مان ممڪن حد تائين متاثر الاٽيز کي متبادل پلاٽ ڏنا ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته متبال پلاٽ ڏيڻ واري پاليسي تحت ڪي ڊي اي پهرئين کان ادا ڪيل پلاٽن جي قيمت تي متبادل پلاٽ ڏيڻ جو پابند آهي، ان لاءِ ڪنهن به قسم جي مالي خساري ۽ روينيو جي گهٽتائي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ترجمان ڪي ڊي اي پاران ان ڳالهه جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي ته ڪي ڊي اي جي بحالي کان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به بااثر شخص جي الاٽمينٽ لاءِ سفارش ناهي آئي.  
     
     
   
     
     

 

 

 

 

 
 
   
 

Copyright © 2016 Karachi Development Authority. All Rights Reserved.
The KDA will not be responsible for the content of external internet sites. / Login  / Webmail